ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال پنهنجي خلاف پيش ٿيل بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ کان اڳ ئي استعيفا ڏئي ڇڏي. ڄام ڪمال خلاف اپوزيشن ۽ حڪمران ڌر جي ناراض ميمبرن پاران بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن تي سڀاڻي ووٽنگ ٿيڻي هئي. هن اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته کيس گهربل اڪثريت حاصل آهي پر آخري وقت تي هن استعيفا ڏئي ڇڏي.

ڄام ڪمال استعيفا ڏيڻ کان اڳ پنهنجن ٽويٽس ۾ وزيراعظم کي مشورو ڏنو هو ته هو وفاقي سطح جي پارٽي ميمبرن کي چوي ته هو بلوچستان جي گهرو معاملن ۾ مداخلت نه ڪن. وڏي وزير پنهنجي ٽويٽس ۾ اهو به چيو ته وزيراعظم کي اوسي پاسي موجود پنهنجن ماڻهن تي نظر رکي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻن مهينن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون کلي سامهون آيون آهن، ماڻهن جا چهرا ۽ سياست جا نام نهاد اصول سامهون آيا آهن. لالچ ۽ اقتدار جي حوس، سازشن ۽ ڪيترن ئي هيروز کي به ڏٺو، بلوچستان جي وڏي وزير هڪ ٻئي ٽويٽ ۾ پنهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو هو ته اقتدار ۽ لالچ جا بکيا پنهنجو اهو شوق به پورو ڪري وٺن، صوبي کي ٿيندڙ نقصانن جا ذميوار بي اي پي جو ناراض گروپ، پي ڊي ايم ۽ ڪجهه مافيائون هونديون.










