عدم اعتماد جي رٿ ضابطن موجب قرار، فائيل اسپيڪر حوالي

عدم اعتماد جي رٿ ضابطن موجب قرار، فائيل اسپيڪر حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وزيراعظم عمران خان خلاف گڏيل اپوزيشن جي رٿ کي ضابطن موجب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسيمبلي ذريعن موجب تحريڪ ۽ ريڪوزيشن تي اپوزيشن ميمبرن جي صحيحن جي تصديق جو عمل مڪمل ٿي ويو، ڪنهن به ميمبر جي صحيح شڪي ناهي نڪتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي قانون سازي واري شعبي سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ بعد فائل اسپيڪر کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر کي 22 مارچ کان اڳ ڪنهن به ڏينهن تي اجلاس گهرائڻ جي به تجويز ڏني آهي.قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس گهرائڻ آئيني گهرج هئي جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پهريو مرحلو ريڪوزيشن ۽ ٻيو مرحلو رٿ تي صحيحن جي تصديق هو، ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ ۽ رٿ جو جائزو ورتو ويو. ياد رهي ته گڏيل مخالف ڌر ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ هاڻي آئيني طور تي 14 ڏينهن جو وقت آهي ته هو قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي،

پهنجو تبصرو موڪليو