عدم اعتماد تي ڪاروائي نه ٿي ته اسمبلي ۾ ڌرڻو هڻبو

عدم اعتماد تي ڪاروائي نه ٿي ته اسمبلي ۾ ڌرڻو هڻبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن سومر تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر بي اعتمادي جي رٿ تي ڪاروائي نه ڪئي ته ايوان مان نه اٿنداسين، ڏسنداسين ته حڪومت او آءِ سي ڪانفرنس ڪيئن ٿي ڪرائي. متحده مخالف ڌر سومر تي ايوان ۾ بي اعتمادي جي رٿ پيش نه ٿيڻ تي ايوان ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. متحده مخالف ڌر جي طرفان اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر غير جمهوري سوچ اختيار ڪري ته پوءِ سڄي اپوزيشن ۽ پارٽي کي چوندس ته ايوان ۾ ڌرڻو هڻي ويهو، اسين ڏسنداسين ته توهان او آءِ سي ڪانفرنس ڪيئن ٿا ڪريو؟ اسان اسمبلي فلور تي تيسين ويهنداسين جيسين اسانکي قانوني هق نٿو ملي. هن چيو ته ووٽ جي حق جي استعمال کي تشدد ذريعي روڪڻ جي سازش ٿي رهي آهي پر پاڪستان جي عوام ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، عمران اڪثريت وڃائي چڪو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اجلاسن م اسپيڪر جي شرڪت عهدي جي توهين آهي. اها پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جي فتح آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شڪست ڏسي عمران غير جمهوري رويو اختيار ڪري رهيو آهي، هاڻي طاقت جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي، پهريان پارليامينٽ لاجز تي حملو ڪيو، پوءِ سنڌ هائوس تي ۽ پوءِ وفاق تي حملو ڪيو، هو تاثر ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن کيس نه کيڏڻ ڏنو ويو ته به ڪنهن کي کيڏڻ نه ڏينداو. ندو ته نه کيڏندو. هن وڌيڪ چيو ته هو آئيني بحران ۽ ٽين قوت جي مداخلت چاهين ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ چيئرمين چيو ته اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته او آءِ سي ڪانفرنس پرامن طريقي سان ٿئي ۽ هر ڪو چاهي ٿو ته او آءِ سي ڪانفرنس صحيح نموني سان ٿئي. بعد ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف به بلاول جي اعلان جي حمايت ڪندي ايوان ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جي ذميواري آهي. اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جڏهن جهاز ۾ ماڻهو اچي رهيا هئا ته ضمير جو آواز ڪٿي هو؟ ھاڻي توھان پنھنجي ساٿين کي گڏهه ۽ خچر سڏي رھيا آھيو، اسان ھي جنگ کٽي آيا آھيون. ان کان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ڏنل لنچ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، بشرا… ان موقعي تي بشريٰگوهر، جهانزيب بلوچ، شاهد خاقان عباسي، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، نيئر بخاري، رضا رباني، نويد قمر ۽ سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو