اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ ناهيد خان جي اسلام آباد واري رهائشگاهه کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن لاءِ سي ڊي اي جو عملو ڳري مشينري سميت ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي گهر پهچي ويو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناهيد خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن وٽ ملڪيت جا سڀ قانوني دستاويز موجود آهن. جيڪي شي ڊي اي جي چيئرمين سان ملاقات ۾ کيس ڏيکاريا ۽ ڪاپي به فراهم ڪئي. اسان وٽ عدالت جو اسٽي آرڊر پڻ موجود آهي پر ان باوجود سي ڊي اي وارا بيدخل ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙي قسم جي ڪارروائي قانون جي بالادستي ۽ عدالتي حڪمن جي احترام بابت سنگين سوال اٿاري ٿي.
هنن مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل ادارا هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائين ۽ عدالتي حڪمن جو مڪمل احترام يقيني بڻائين. جيڪڏهن ڪنهن قانون يا عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سندن وڌيڪ چوڻ هو ته آئين ۽ قانون سڀني لاءِ برابر آهن، جڏهن ته انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ هر رياستي اداري جي ذميواري آهي.
هنن ٻڌايو ته اسين نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي به اطلاع ڪيو آهي ته اسان سان سي ڊي اي وارا غير قانوني سلوڪ ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته صدر زرداري صاحب جي ڀيڻ هن گهر جي ملڪيت بابت دعوا ڪندي قانوني ڪاروائي ڪئي هئي ۽ اسين لاڳاپل فورمز تي ان جو قانوني جواب پيش ڪيو، جنهن بعد سي ڊي اي وارن چيو ته هو هي معاملو بورڊ ۾ پيش ڪيو ويندو. هنن بورڊ ۾ معاملو پيش ڪرڻ بدران گهر ٽوڙڻ لاءِ ٽيم موڪلي آهي.
ناهيد خان چيو ته هي اسانجو اباڻو گهر آهي اسانجي والده نالي هو ۽ هاڻي اسين 8 ڀيڻ ڀائر ان جا حصيدار آهن. شهيد بينظير ڀٽو ڳچ عرصو هن گهر ۾ گذاريو، هوءَ اڪثر ناشتو هتي ڪندي هئي. بعد ۾ هن پنهنجو اڌ ڪتاب هن گهر ۾ رهندي لکيو هو.
ياد رهي ته هي فارم هائوس آهي، جيڪو عمران خان جي بني گالا واري محل ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع آهي.










