گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ميرپورماٿيلو جي عدالت ڪڪڙ جي ضمانت منظور ڪري ورتي ڪڪڙ مالڪ حوالي ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپورماٿيلو ڀرسان ڪڪڙن جي ميل تي پوليس جي لڳل ڇاپي ۾ ڪجهه ڪڪڙ پوليس پڪڙي ٿاڻي تي کڻي آئي هئي جنهن خلاف هڪ ڪڪڙ جي مالڪ فداحسين پنهنجي وڪيل جي معرفت عدالت ۾ ڪڪڙ جي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي چيو هو ته ٿاڻي ۾ منهنجي ڪڪڙ جي زندگي کي خطرو آھي جنهن تي گذريل ڏينهن ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي جتي عدالت سڳوري 10 هزار روپين عيوض ڪڪڙ جي ضمانت منظور ڪري کيس مالڪ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد پوليس پاران ڪڪڙ مالڪ حوالي ڪيو ويو. ڪڪڙ ملڻ بعد مالڪ خوشي مان جهومي اٿيو ۽ هن عدالت پاران ضمانت ملڻ تي خوشي جو پڻ اظھار ڪيو.










