دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ضلعي جي سرڪاري ملازمت ڪندڙ صحافين ۾ٿرٿلو عدالت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي سي دادو کان لسٽون طلب. ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ دادو ۾ سينئر وڪيل شعبان ملاح جي معرفت فياض جعفري جي فرياد تي صحافت ڪندڙ سرڪاري ملازمن خلاف پٽيشن داخل ڪئي هئي.جنهن تي سيشن ڪورٽ ايس ايس پي دادو کان رپورٽ طلب ڪئي، جنهن تي ايس ايس پي دادو ڪورٽ سڳوري ۾ اقرار نامون جمع ڪرايو ته ضلعي دادو جي اندر سرڪاري ملازم صحافت ڪري رهيا آھن، جنهن تي سيشن ڪورٽ دادو نوٽيس وٺندي ڊي سي دادو کي حُڪم جاري ڪيو آھي ته دادو ضلعي جي اندر صحافت جو سهارو وٺندڙ سرڪاري ملازمن جي لسٽ 25 جنوري تي سيشن ڪورٽ دادو ۾ جمع ڪرائي وڃي.هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سينئر وڪيل شعبان ملاح ٻُڌايو ته پبلڪ سروس ايڪٽ مطابق ڪو به سرڪاري ملازم صحافت، سياست، سماجي ڪم ۽ مذھبي سرگرمي نٿو ڪري سگهي, اهڙا فيصلا هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جا آيل آھن.










