خان خلاف توشه خانه  ڪيس ٻڌڻي جوڳو قرار ، 12 جولاءِ تي شاهد طلب

خان خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻي جوڳو قرار ، 12 جولاءِ تي شاهد طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشاخانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.گذريل 2 ڏينهن وانگر عمران خان جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو جنهن تي عدالت کيس دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب عدالت کي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانو ڪيس ٻڌڻي جوڳو آهي يا نه ، عمران خان اڄ عدالت ۾ 2 درخواستون داخل ڪيون، هڪ ۾ سڪيورٽي خدشن سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي، جڏهن ته عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي اعتراض ڪيو، جنهن تي سيشن جج همايون دلاور سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وڪيل خواجا حارث گذريل ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو به پيش نه ٿيو، توشه خانه ڪيس ۾ عدالت توهان سان ڏاڍي نرمي ڪئي پئي وڃي. اهڙي نرمي جو ٻيو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، جنهن جو فائدو ورتو ويو هجي.جج چيو ته 11:30 تي دليل ڏيو، ٻي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ بعد فيصلو ڪندس.وقفي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيا.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته ڪيس داخل آهي يا نه، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خاني ڪيس جو هڪ هفتي اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ سيشن ڪورٽ کي واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪيس داخل ڪيو وڃي. عدالت کي توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪرڻ جو حڪم رڪارڊ تي آهي.جج همايون دلاور چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهان کي ايترو وڏو رليف ڏنو آهي، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪو به رليف نه ڏنو آهي، هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ لاءِ چيو آهي، آءِ جي کي موڪليو آهي. ان سان متفق نه آهيون، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجو حق کسي رهيو آهي، 12 جولاءِ تائين وقت آهي، جيڪڏهن جلدي ۾ فيصلو ڪيو ته ناانصافي ٿيندي. جج چيو ته خواجا حارث سينيئر وڪيل آهي، کانئس اهڙي رويي جي اميد نه ٿي رکي سگهجي، توشه خاني ڪيس کي هر پاڪستاني ڏسي رهيو آهي، جڏهن کان توشه خانو ڪيس آيو آهي، منهنجي عدالت ۾ ٻيا ڪيس به بند آهن، اوهان کي اڄ کان تاريخ نه ڏني ويندي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ ڪيترائي ڀيرا استثنيٰ جون درخواستون داخل ڪرايون آهن، گوهر علي خان چيئرمين پي ٽي آءِ طرفان دليل ڏنا آهن، چيئرمين پي ٽي آءِ رڳو دير وارا حربا استعمال ڪري رهيو آهي.
توشه خانا ڪيس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تي مقرر
عدالت توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، توشه خاني ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ ٻڌڻي تي ٿيندي. عدالت شاهدن کي 12 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو ..

پهنجو تبصرو موڪليو