ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) بنگوار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جھيڙي بابت عدالت پاران ضمانت ردٿيڻ تي سنڌ بار ڪائونسل جي معطل ٿيل وڪيل لياقت بنگوار ڪنڌڪوٽ بارايسوسيئيش جي جنرل سڪريٽري محسن خان پٺاڻ مٿان عدالت اندر حملوڪندي گارگند ڪرڻ سان گڏ ھاٿاپائي ڪئي وئي.عدالت ۾ موجود وڪيل برادري کين پڪڙي سوگھو ڪري ورتو جنھن بعد سيشن جج معطل وڪيل لياقت بنگوارکي گرفتارڪرڻ جوحڪم جاري ڪيو جنهن تي بي.سيڪشن ٿاڻي جي پوليس وڪيل محسن پٺاڻ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪندي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌيار پاران رابطوڪرڻ تي محسن خان پٺاڻ ٻڌايوته جوابدارلياقت بنگوار جيڪو اڳ وڪالت سان گڏ ماستري به ڪندو هو جنهن کي سنڌبار ڪائونسل پاران معطل ڪيو ويو آھي جنھن پاران بنگواربرادري جي ھڪ ڪيس تان وڪالت ڪرڻ کان مونکي روڪيو ۽ ڌمڪايو ويندو ھو ۽ اڄ هن مون تي عدالت اندر حملو ڪيو جنهن تحت سندن مٿان ڪيس داخل ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.










