ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ کي ڊاھڻ خلاف متاثر رھواسين طرفان اڄ پندرھين ڏينھن بـ احتجاج جاري مختلف قومي سياسي اڳواڻن ڪارڪنن سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن جي آمد خبرموجب عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين کي مالڪاڻا حقوق نـ ملڻ تائين تحريڪ جاري رکڻ جو عزم سرڪاري ڌر جي ڪارندن پاران احتجاجي ڪئمپ تي پھچي ساڻن ڳالھيون ڪري ختم ڪرڻ لاء پريشر وڌو ويو متاثرن پاران پئدا ٿيل صورتحال بابت حڪومتي ڌر جي ذميوار عملدار يا وزير طرفان اچي ڳالھيون ڪري خاطري بعد ڪئمپ ختم ڪرڻ لاء چيو ويو قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چييمين نواز خان ظھور سينيئر وائيس چيرمين محمد علي خشڪ قومي ناري محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سنڌو عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو لعل محمد چانڊيو سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ سبحاني ڏاھري عمراھ سمون پڙھ سومرو ساخ سومرو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اقبال جروار سنڌي مزدور تحريڪ اڳواڻ زبير نوناري عبداللـ ترڪ عزيز لانگاھ منظور سولنگي نوروز قلمتي ايس يو پي اڳواڻ غلامـمصطدي’ چانڊيو اسحاق مشوري ۽ ٻيا احتجاجي ڪئمپ تي پھتا متاثرن سان ھر محاذ تي ساٿ ڏيڻ جو عزم ۽ عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ کي ڊاھڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ان موقعي تي ڳالھائيندي نواز خان ظھور چيو تـ سنڌ ڌرتي جا وارث سنڌي آھن جن کي ڪراچي ۾ رھائش سوڌو ڪاروبار ڪرڻ جو مڪمل حق آھي ھن چيو تـ رياست جي ذميواري آھي تـ شھرين کي تحفظ ڏي پر ھتي سنڌ سرڪار قبضا مافيا بلڊر مافيا جي ساٿاري بڻجي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ لاء سازشون ڪري پئي جيڪا ڪنھن بـ صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نـ ڏني ويندي ھن چيو تـ آفيسرن کي معطل ڪرڻ مسئلي جو حل نـ آھي جيستائين عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ وارن کي مالڪاڻا حق نـ ڏنا ويـندا سنڌ جو شعور جدوجھد جاري رکندو سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمراھ سمون چيو تـ پوليس جيڪا بي حيائيء جو جو مظاھرو ڪندي سنڌ جي نياڻين مٿان گوليون ۽ شيل وسايا آھن ان عمل تي کين بخش نـ ڪيو ويندو نياڻين کي ست قرآن جي برابر سمجھيو ويندو آھي انھن کي پاڪ ڪتاب کنيل ھجڻ باوجود انھن تي گوليون ھلايون ويون ۽ تشدد ڪيو ويو ان تي مذھبي ڌريون خاموش ڇو آھن ھن چيو تـ ڪراچي ۾ بھارين ۽ بنگالين کي تحفظ ۽ اصل ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ ڪٿان جو قانون آھي سنڌياڻي تحريڪ جي پڙھ سومرو ۽ سبحاني ڏاھري چيو تـ سنڌ حڪومت ھميشـ سنڌين کان روزگار کسيا آھن ۽ حق تلفي ڪئي آھي ھاڻ انھن کان وات جو گرھ ۽ اجھا کسڻ لاء بلڊر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري انھن کي بي دخل ڪرڻ چاھي ٿي جيڪو سنڌ دشمني جو واضح ثبوت آھي جھڙي ريت سنڌ جي نياڻين پنھنجا اجھا بچائڻ لاء مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آھي انھن حڪمرانن ۽ بلڊر مافيا سان مزاحمت ڪندي نياڻين صف اول ۾ بيھي انھن جا ارادا پشت ڪري ڇڏيا آھن ھنن وڌيڪ چيو تـ حڪمرانن جي شرافت جو مقاب ھاڻي لھي چڪو آھي عوام آڏو ھو پڌرا ٿي چڪا آھن ھنن چيو تـ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين مٿان ٿيندڙ پوليس گردي ۽ ڳوٺ کي ڊاھڻ واري عمل خلاف جلد لاء عمل جوڙي جلد ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو عوامي جمھوري پارٽي جو اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو تـ سپريم ڪورٽ طرفان بنگالي بھاري ۽ افغانين کي ھتان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي جنھن تي سنڌ حڪومت عمل پيرا نـ آھي الٽو ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ لاء ڪاروايون ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آھي ھنن گھر ڪئي تـ عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ کي ريگيولر ڪري رھواسين کي مالڪاڻا حقوق ڏئي رھواسين خلاف داخل ڪيل سمورا ڪيس ختم نـ ٿيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رھندو










