عبدالله شاهه ڳوٺ  متاثرن جو 31هين ڏينهن احتجاجي جاري

عبدالله شاهه ڳوٺ متاثرن جو 31هين ڏينهن احتجاجي جاري

ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪراچي غازي عبدالله شآھ ڳوٺ E بلاڪ جي تحفظ لاء متاثر رهواسي جدوجهد جي علامت بڻيل 31هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي سراپا احتجاج مختلف سياسي سماجي اڳواڻ به متاثرن جي واهر لاء شامل ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عزم احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاء اي پي سي سڏائي سگهاري جدوجهد ڪرڻ جو اعلان سرڪاري بي حسي ۽ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ کي ڊاهڻ لاء ڪاروائيون ڪندڙ بلڊرز مافيا پوليس .اينٽي انڪروجمينٽ اهلڪارن سميت روينيو جي ڪرپٽ ڪامورن کي سزائون ڏيارڻ تائين پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ان ڏس ۾ غازي ڳوٺ E بلاڪ جي متاثرن سميت مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو. الطاف ميمڻ . محمد عيسي ڪاتيار.محمد رمضان بروهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان بلڊر مافيا سنڌي آبادين خلاف ڪاروائيون ڪري اصل ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿي پر سندن هاڻ انهن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو غازي عبدالله شاهه ڳوٺ E بلاڪ کي ڊاهڻ دوران رهواسين جي مزاحمت ۽ سنڌ جي ساڃاه وندن جي ڀرپور مزاحمت اتساهه بڻي آهي. جيستائين عبدالله غازي ڳوٺ E بلاڪ سميت سنڌي آبادين کي سرڪار طرفان ليز نه ڪيو ويندو اسان جي جدوجهد جاري رکندي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سسٽم مافيا جا ماڻهو سرڪاري ڌر جي آشيرواد سان روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان جعلسازيون ڪري اسڪيم 33 مان اربين روپيا ڪمايا آهن انهن جي احتساب تائين پر امن جدوجهد جاري رکي پنهنجي ماروئڙن جو تحفظ ڪيو ويندو.اسين ٿڪا ناهيون اسان جا حوصلا بلند آهي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد وارو عمل جاري رهندو. هنن انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته عبدالله شاھ غازي ڳوٺ E بلاڪ جي متاثرن لاء پنهنجو آواز بلند ڪن ڇاڪاڻ ته غازي عبدالله شاهه ڳوٺ جي تحفظ لاء نڪرندڙ عورتن ٻارڙن مٿان پوليس سڌيون گوليون ۽ شيل هلائي سنگين دهشتگردي ۽ انساني حقن جي کلي لتاڙ ڪئي آهي. اڳواڻ چيو ته سرڪاري بي حسي ۽ پوليس اينٽي انڪروجمينٽ سميت روينيو جي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ غازي عبدالله شاهه ڳوٺ E بلاڪ کي ليز ڪرڻ لاء جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاء اي پي سي اجلاس بعد نئين عزم سان هلندڙ احتجاج کي تيز ڪيو ويندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو