عامر لياقت جو هميشه لاءِ ملڪ ڇڏڻ جو اعلان

عامر لياقت جو هميشه لاءِ ملڪ ڇڏڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ڦري ويل قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين هميشه لاءِ پاڪستان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ عامر لياقت چيو ته هو ڪجهه دير ۾ پنهنجي ٽين زال سان ٿيل تڪرار تي پاڪستان جي سرزمين تان پهنجو آخري بيان جاري ڪندو ۽ پوءِ هميشه لاءِ هليو ويندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عامر لياقت جي ٽين زال دانيا ملڪ خلع لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو، پوءِ دانيا پنهنجي مڙس جون ڪجهه غير اخلاقي وڊيوز به شيئر ڪيون هيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو