دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن.آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌمڪين، آبنائي هرمز جي بندش ۽ ايران جنگ جا منفي اثر جاري آهن، جنهن جي ڪري عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن.عالمي منڊي ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت 2.2 سيڪڙو وڌي 111.43 ڊالر ٿي وئي آهي.ان کان علاوه، WTI خام تيل جي قيمت 2.7 سيڪڙو وڌي 114.57 ڊالر ٿي وئي آهي.










