واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) تيل جي ذخيرن جي ڇڏڻ جي اعلان به قيمتن ۾ گهٽتائي نه آندي.عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، برطانوي خام تيل جي قيمت 9.29 ڊالر وڌي 101.3 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت 9.02 ڊالر وڌي 96.27 ڊالر في بيرل ٿي وئي.انٽرنيشنل انرجي ايجنسي (IEA) جي مطابق، آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار عالمي تيل مارڪيٽ ۾ سپلائي ۾ وڏي خلل پيدا ڪري رهيا آهن.










