طورخم واپاري لنگهه 18 هين ڏينهن به ٻطرفي واپار لاءِ بند

طورخم واپاري لنگهه 18 هين ڏينهن به ٻطرفي واپار لاءِ بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)طورخم واپاري لنگهه اڄ 18 هين ڏينهن به ٻطرفي واپار لاءِ بند آهي.پاڪ-افغان سرحد باب دوستي پڻ اڄ 18 هين ڏينهن به ٻطرفي واپار لاءِ بند آهي.ايف آءِ اي اميگريشن موجب، هر روز 4 کان 5 هزار افغاني باب دوستي گيٽ ذريعي پنهنجي وطن واپس اچي رهيا آهن.ڏکڻ وزيرستان ۾ انگور اڊا سرحد ۽ اتر وزيرستان ۾ غلام خان سرحد پڻ گذريل 18 ڏينهن کان بند آهن.ان دوران، خرلاچي سرحد تي ٻطرفي واپار ۽ پيادل آمدورفت پڻ 18 هين ڏينهن به بند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو