پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته پاڪستان جا 3 فوجي زخمي ٿي پيا آهن. افغانستان جي صوبي ننگرهار جي سرحد تي طورخم بارڊر تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي تڪرار شروع ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. افغانستان جي گهرو وزارت جي ترجمان عبدالمتين قاني چيو آهي ته پاڪستاني فورسز شهرين جي گهرن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ٻار مارجي ويا. افغانستان جي بچاءَ واري وزارت جي ترجمان عنايت الله خوارزمي جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي شروعات پاڪستان ڪئي. اي ايف پي جي رپورٽ موجب هن چيو ته اسان جي فورسز ڊيورنڊ لائين تي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ته پاڪستاني فورسز فائرنگ ڪئي جنهن تي اسان جي فورسز به جوابي ڪارروائي ڪئي. ڊيورنڊ لائين تي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ کان افغان فورسز کي پاڪستان ڪيترا ڀير منع ڪئي پر پوءِ به هو نه مڙيا. ٻنهي ملڪن جي فورسز ۾ ڇڪتاڻ بعد طورخم باردر اچ وڃ لاءِ وري بند ڪئي وئي آهي.










