پشاور (ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخواهه جي صدر امل ولي خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ملڪ لياقت خان تي قاتلاڻي حملي کانپوءِ پي ٽي آءِ قيادت جي خاموشي بي معنيٰ آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ امل ولي خان چيو ته اهڙيون خبرون آهن ته ملڪ لياقت خان کي طالبان کي تاوان نه ڏيڻ تي نشانو بڻايو ويو.ايمل ولي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايم پي اي ملڪ لياقت جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهرون ٿا پر ان معاملي تي صوبائي حڪومت جي خاموشي عوام کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ جي مترادف آهي.










