طاقتور طبقو انصاف نه پر اين آر او چاهي ٿو، وزيراعظم

طاقتور طبقو انصاف نه پر اين آر او چاهي ٿو، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته طاقتور طبقو انصاف نه پر اين آر او گهري ٿو، طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، طاقتور چاهي  ٿو ته هن کي آساني سان اين آر او ملي وڃي. اهڙو اظهار هن هارين کي سهولتون ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  هاري ۽ مزدور پئسا چوري ڪري لنڊن ۾ فليٽ خريد ناهن ڪندا، طاقتور طبقو چوري به ڪري ٿو ته سينازوري به، ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين غريب ماڻهن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هيٺيون طبقو انصاف جي تلاش ۾ هوندو آهي، 50سالن بعد ملڪ ۾ 10وڏا ڊئمز ٺاهي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪ جو وڏو طبقو مزدور ۽ آبادگار آهي، 90سيڪڙو ننڍن آبادگارن جي آهي، جن کي زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج جي خريداري لاءِ بنا وياج جي قرض ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو