اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 96 فيصل آباد ۾ ضمني چونڊ ۾ ضابطه اخلاق جي مسلسل خلاف ورزي تي گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري کي ذاتي طور تي طلب ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن طلال چوڌري کي 24 نومبر تي صبح 11 وڳي طلب ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته طلال چوڌري پنهنجي پوزيشن واضح ڪري ته سندس خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي.اليڪشن ڪميشن چيو ته وضاحت ڪئي وڃي ته حلقي مان چونڊ وڙهيندڙ توهان جي اميدوار کي نااهل ڇو نه قرار ڏنو وڃي.ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن اين اي 96 جي اميدوار بلال چوڌري کي به نوٽيس جاري ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري توهان جي مهم ۾ حصو وٺي رهيو آهي، هو 24 نومبر تي صبح 11 وڳي ذاتي طور تي پيش ٿي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.










