اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هاڻي نواز شريف جي واپسي جو انتظار ڪري رهيو آهي.هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت ذاتي مفادن جو ٻيو نالو آهي، جيڪي پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، غريبن جي پرواهه ناهي.هن چيو ته حڪمران آمريڪا سان آءِ ايم ايف سان ڊيل لاءِ زور ڏئي رهيا آهن، جلد ٽين طاقت جو اضافو ٿيندو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته هڪ مهيني ۾ امپورٽ بل ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو، ذخيرا 7 ارب 70 ڪروڙ رپيا، ترسيل 1 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 500 ملين ڊالر گهٽجي وئي.اڳوڻي گهرو وزير اهو به چيو ته ڊالر 210 رپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته ايل اين جي به مهانگي ۾ خريد ڪئي وئي آهي.










