اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري پارليامينٽ مان پاس ٿيل 4 اهم بلن جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوانِ صدر موجب، انهن ترميمي بلن جو مقصد لاڳاپيل شعبن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ۽ وقت جي تقاضن موجب بڻائڻ آهي. انهن قانونن ۾ ڪيريئج بائي ايئر (ترميمي) بل 2026 ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (ترميمي) بل 2026 شامل آهن.هي به پڙهو: صدر مملکت اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس تي صحيحون ڪري ڇڏيون، گزيٽ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ان کان علاوه، منظور ڪيل ٻين قانونن ۾ مالي ذميواري ۽ قرضن جي حدن جي تعين وارو (ترميمي) بل 2026 ۽ اقبال اڪيڊمي (ترميمي) بل 2026 پڻ شامل آهن.










