اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي.صدر زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ اسان کي قومي اتحاد، آئيني بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي احترام لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد پڻ ڪرڻ گهرجي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيد تي به اسان جا دل غزه ۽ وچ اوڀر لاءِ غمگين آهن، انهن جو ڏک ياد ڏياريندڙ آهي ته مسلم امت اندر وڌيڪ اتحاد جي سخت ضرورت آهي.ان کان علاوه پاڪ فوج به قوم کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني. آءِ ايس پي آر موجب، هٿياربند فوج جي سربراهن پاڪستانين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دعا آهي ته عيد پاڪستان ۽ مسلم امہ لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي. عيد اسان کي اتحاد، رحم ۽ شڪرگذاري جو سبق سيکاري ٿي. پاڪ فوج جا سپاهي عيد جي ڏينهن به وطن جي دفاع ۾ مصروف آهن.










