صحت جي سهولتن جي دستيابي لاءِ ڪوششون وٺون پيا: فهد هارون

صحت جي سهولتن جي دستيابي لاءِ ڪوششون وٺون پيا: فهد هارون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي پبلڪ ڪميونيڪيشن ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن بابت خاص مددگار فهد هارون چيو آهي ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جون خدمتون ڊجيٽل پليٽ فارمن ۽ ذريعن ذريعي دستياب ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي ڪرڊوبا ڪيئر انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ مئنيجمينٽ پاران منعقد ڪيل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي چئي. فهد هارون صحت جي سار سنڀار ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي پبلڪ ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنيڪي مهارتن جي ترقي جي اهميت جي باري ۾ ڳالهايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن پروفيشنلز جي نه رڳو پاڪستان ۾ ضرورت آهي ته جيئن مقامي صحت جي سارسنڀال واري نظام کي بهتر بڻائي سگهجي پر ان سان گڏ ٻاهرين ملڪن ۾ برآمد جي وڏي امڪاني طلب پڻ آهي. فهد هارون پڻ صحت جي سارسنڀال جي ماهرن لاءِ اهم سکيا ۽ ڄاڻ جا وسيلا پيش ڪرڻ ۾ بين الاقوامي ڊجيٽل پليٽ فارمز جي اهميت تي زور ڏنو. ڊنر ۾ معروف طبي ماهرن، تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن جي ميمبرن ۽ اعليٰ ڪارپوريٽ نمائندن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو