ميرپور ماٿيلو (ن س) ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدار اصغر لنڊ ۽ عبدالله لنڊ کي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران صحافي جو ڀاءُ ۽ ڪيس جو فريادي يعقوب گڏاڻي به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جي نه اچڻ سبب ٻڌڻي 21 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد گرفتار جوابدار کي جيل اماڻيو ويو.










