راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي 34 ميچز واري اٺين سيريز جو 23 هون ميچ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي ۾کيڏيو پيو وڃي. زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ لاهور کي ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. جيڪو لاهور حاصل ڪري نه سگهي ۽ 19.3 اوورز ۾ آل آئوٽ ٿي وئي ۽ کين 35 رنز تان شڪست ملي. ان شڪست باوجود لاهور پوائنٽ ٽيبل ۾ ٽاپ تي آهي. لاهور پاران حسين طلعت 37 بالن تي 63 رنز ٺاهيون، شاهين آفريدي 4 وڪيٽون وٺڻ سان گڏ 36 بالن تي 52 رنز اسڪور ڪيون، سڪندر رضا 7 بالن تي 20 اسڪور ڪندڙ نمايان رانديگر هئا. صائم ايوب کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هن صائم ايوب سان گڏ اننگ اوپن ڪئي ۽ ٻنهي پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 107 رنز ٺاهيون. صائم ايوب شاندار بيٽنگ ڪندي 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 68 رنز ٺاهيون ۽ راشد خان جي بال تي سيم بلنگ هٿان ڪيچ ٿيو.
All class! #HBLPSL8 | #SabSitarayHumaray | #PZvLQ pic.twitter.com/oa4YeUWCWW
— PakistanSuperLeague (@thePSLt20) March 7, 2023
يارهين اوور ۾ پهرين وڪيٽ بعد پشاور جي ٻئي وڪيٽ 13 هين اوور ۾ ڪري جڏهن محمد حارث 9 رنز ٺاهي 125 جي مجموعي اسڪور تي راشد خان جي بال تي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان بابر اعظم 16 هين اوور ۾ 168 جي مجموعي اسڪور تي ففٽي مڪمل ڪرڻ شرط حارث رئوف جي بال تي ڊيوڊ ويزي هٿان ڪيچ ٿيو، هن 41 بالن تي 50 رنز ٺاهيندڙ بابر 2 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا. چوٿين وڪيٽ جي پارٽنرشپ م ٽام ڪوهلر ۽ روومان پاول اسڪور اڳتي وڌايو. ڪوهلر اچڻ سان ئي راشد خان کي 2 لڳاتار ڇڪا هڻي کاتو کوليو هو تنهن شاندار اسٽروڪس کيڏيا. پاول سترهين اوور م شاهين آفريدي جي بال تي هٽ هڻندي 9 رنسون ٺاهي سڪندر رضا هٿان 179 جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ ٿيو. ارڙهين اوور ۾ حارث جي بال تي ڪوهلر جو ڪيچ زمان خان ڊراپ ڪيو پر اڳئين بال تي حارث رئوف پاڻ ئي ڪيچ پڪڙي کيس آئوٽ ڪيو. ڪوهلرڪيڊ مور 3 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 36 رنز ٺاهيون. حسيب الله خان 12 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو. ساڳئي يعني 19 هين اوور ۾ شاهين، عظمت الله عمرزئي ۽ وهاب رياض جا به شڪار ڪيا. آخري اوور ۾ زمان خان، عامر جمال کي ڪيچ ڪرايو، 19.3 اوورز م پشاور 207 رنز تي آل آئوٽ ٿي ويا. آخري 64 رنز تي پشاور جو 8 وڪيٽون لاهور جي فاسٽ بالرز کي مليون. پشاور ميچ کٽڻ لاءِ 208 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.










