شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ويجھو پراڻي تڪرار تان عورت سميت 3 ڄڻا قتل. شڪارپور جي همايون ٿاڻي جي حد ۾ پير جليل ڀرسان بکراني برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني هڪ ڀيرو ٻيهر خوني جهيڙي جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، جتي ٻنهي ڌرين وچ ۾ شديد فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا عبدالجبار بکراني، آغا بکراني ۽ ماروي خاتون قتل ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جنهن سبب سڄو علائقو جنگ جي ميدان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. شديد فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي ۽ شهري پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. ذريعن موجب هي جهيڙو بکراني برادري جي غلام قادر بکراني گروپ ۽ ڪيهر بکراني گروپ وچ ۾ هلندڙ پراڻي دشمني جو نتيجو آهي. پوليس مطابق هن تڪرار ۾ هيل تائين غلام قادر بکراني گروپ جا ٽي ۽ ڪيهر بکراڻي گروپ جا ٻه ڄڻا، جن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، مجموعي طور پنج ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن.










