شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور: جيڪب آباد روڊ قومي شاهراهه تي پيش آيل خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ تيز رفتار مزدا بي قابو ٿي روڊ جي ڀرسان قائم هڪ خانگي ڪلينڪ سان ٽڪرائجي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ اسد بروهي ۽ ناصر بروهي طور ٿي آهي. ٻنهي جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي وقت خانگي ڪلينڪ بند هئي، جنهن سبب ڪنهن به مريض يا شهري جو جاني نقصان نه ٿيو، ٻي صورت ۾ وڏو سانحو پيش اچي سگهي پيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، ڪرين مشين ۽ ٻيون ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.










