لاهور (بيورو رپورٽ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کان 10 سوالن جا جواب گهري ورتا آهن.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اميد ته سومر تائين جواب ملي ويندا. هن پڇو ته نواز شريف اُساما بن لادن سان ڪيتريون ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيترو چندو ورتو، ملڪ کان ٻاهر مودي کي فون ڇو ڪندو هو ۽ ڳالهين جي ايجنڊا ڇا هئي، سيف الرحمان ذريعي ڪيترا پئسا وصول ڪيا، لنڊن ۾ ڪيترن ڏينهن اندر نيب لاهور ٻاهران پٿراءُ جو منصوبو رٿيو ويو، بينظير ڀٽو کي بدنام ڪرڻ لاءِ پيٽر گيلبرگ جو خط ڪنهن جاري ڪيو ۽ اجمل قصاب جي گهر جي ايڊريس ڪنهن ظاهر ڪئي؟ شيخ رشيد چيو آهي ته ننڍي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ننڍي قد وارا ماڻهو وقت وٺي اونداهي ۾ ملندا آهن، اهڙن بزدل ماڻهن لاءِ آئون ڪجهه نه چوندس، رات کان شڪ پئجي رهيو آهي ته نون ۽ شين ليگ مان طوطا ليگ نه نڪري اچي، نواز ليگ جا کوڙ ماڻهو استعيفيٰ نه ڏيندا ۽ جن ميمبرز استيعفيٰ ڏني، اُتي ننڍيون چونڊون ڪرايون وينديون، شين ليگ بهتري جو رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿي، پر نون ۽ ميم ليگ جو پاڻ ۾ اتحاد آهي، نواز ليگ اي پي سي ۾ ڀارتي ايجنٽ طور خطاب ڪيو هو.










