ممبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني فلم انڊسٽري جو معروف اداڪار ۽ مزاحيه اداڪار گورڌن اسراني، جيڪو مداحن ۾ صرف ‘اسراني’ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ڊگهي بيماري کانپوءِ 84 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو، فلم شولي ۾ سندس شاندار ڪردار برطانوي دور جو هڪ جيلر، اڃا تائين فلم جي تاريخ ۾ سڀ کان يادگار منظرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، هندستاني ميڊيا موجب، اسراني پنجن ڏهاڪن تي پکڙيل شاندار ڪيريئر ۾ سامعين کي کل ۽ تفريح جا بيشمار لمحا فراهم ڪيا. فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا مان گريجوئيٽ، هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1960 جي ڏهاڪي ۾ ڪئي ۽ جلد ئي هندي سينيما ۾ هڪ مشهور مزاحيه اداڪار بڻجي ويو.










