راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به شهيدن جي لازوال قربانين کي ضايع ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستاني قوم شهيدن ۽ انهن جي قابل فخر خاندانن جي مقدر رهندي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد اسان جو فخر هئا، آهن ۽ هميشه رهندا، اڄ سڄي قوم لاءِ هر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جا شهيد اسان جا هيرو ۽ ملڪ جو عظيم اثاثو آهن.شهيدن جون لازوال قربانيون وطن عزیز جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه هونديون.چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، رٽائرڊ فوجي آفيسرن، سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ پاڪستان جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
شهيدن جو ڏهاڙو: شهيدن کي قوم جو خراج عقيدت، جي ايڇ ڪيو ۾ اهم تقريب
پاڪستان جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي جنرل هيڊڪوارٽر جي ايڇ ڪيو ۾ مرڪزي تقريب ٿي رهي آهي. تقريب جو مهمان خاص آرمي چيف جنرل عاصم منير هو.تقريب ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻيا رٽائرڊ آفيسرن سميت هٿياربند فوج جا حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر به شرڪت ڪري رهيا آهن.ان کان علاوه چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون به موجود آهن.تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي.تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.ٻئي طرف پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان نيوي هيڊ ڪوارٽرز، فارميشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ پوليس شهيدن جي يادگار تي به تقريبون منعقد ڪيون وينديون.











