شهيد راڻي جي جنم ڏڻ تي ڀيٽا، سنڌ اسيمبلي مان رٿ متفقه طور منظور

شهيد راڻي جي جنم ڏڻ تي ڀيٽا، سنڌ اسيمبلي مان رٿ متفقه طور منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين جنم ڏھاڙي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ رٿ پيش ڪئي، جيڪا ايوان ۾ متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. رٿ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم، “دخترِ مشرق” ۽ مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل خاتون وزيراعظم قرار ڏيندي جمهوريت، عوامي خدمت، آئيني بالادستي، سماجي انصاف، وفاقي هم آهنگي، عورتن جي حقن ۽ محروم طبقن جي ڀلائي لاءِ سندس خدمتن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. وڏي وزير پاران پيش ڪيل رٿ / قرارداد ۾ چيو ويو ته 21 جون 1953ع تي جنم وٺندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سموري ڄمار عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کان پوءِ هن قيد، اڪيلائي ۽ جلاوطني جون سختيون برداشت ڪيون، پر آمريت خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. رٿ ۾ چيو ويو ته محترمه بينظير ڀٽو بهادري، ثابت قدمي ۽ جمهوري مزاحمت جي عالمي علامت آھي. 1988ع ۾ سندس وزيراعظم چونڊجڻ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۽ مسلم دنيا ۾ عورتن جي قيادت جي حوالي سان هڪ تاريخي سنگِ ميل ثابت ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي واڌاري، عورتن جي سياسي ۽ سماجي شموليت، پورهيتن، هارين، اقليتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاران ڪيل خدمتن جي پڻ واکاڻ ڪئي. رٿ ۾ چيو ويو ته سندس پاليسين جو مقصد اهڙو سماج قائم ڪرڻ هو جتي سڀني شهرين کي برابر موقعا ۽ ترقي جا هڪجهڙا امڪان حاصل هجن. سنڌ اسيمبليءَ 27 ڊسمبر 2007ع تي جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو هڪ فيصلائتو ۽ يادگار باب قرار ڏيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قرباني قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي. رٿ ۾ اهو به تسليم ڪيو ويو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي نظرين پارلياماني جمهوريت، وفاقي يڪجهتي ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام بابت قومي کي نئين رخ ڏنو ۽ ملڪ جي اداراتي ترقي تي گهرا اثر ڇڏيا. رٿ ذريعي سنڌ اسيمبلي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حياتيءَ، جدوجهد، ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي سندس جمهوري ويزن، آئيني قدرن ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان وابستگي جو اعادو ڪيو. ايوان سنڌ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بيمثال خدمتن کي ساراهيندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا درجا بلند فرمائي ۽ پاڪستان کي هڪ جمهوري، ترقي پسند ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي، جيئن سندس خواب هو. ان کان پھرين؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين جنم ڏينھن جي موقعي تي کيس زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي حقن، وفاق ۽ عورتن جي سياسي قيادت جي روشن علامت هئي، جنهن جي جدوجهد ۽ قربانيون قومي تاريخ جو ناقابلِ فراموش سرمايو آهن. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت، انتهاپسندي ۽ غير جمهوري قوتن خلاف بهادري، ثابت قدمي ۽ سياسي بصيرت جو لازوال مثال قائم ڪيو. هن هر ڏکيائي ۽ آزمائش جو مقابلو ڪندي جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حقِ حڪمراني لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ جمهوري روايتن جي استحڪام، عورتن جي حقن جي واڌاري ۽ محروم ۽ پٺتي پيل طبقن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. سندس سياسي اڳوڻيءَ نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي پڻ عورتن لاءِ نوان رستا کوليا. وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن عوامي خدمت، رواداري، سماجي انصاف، وفاقي هم آهنگي ۽ هڪ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير تي ٻڌل هو. سنڌ حڪومت اڄ به سندس فڪر، عوام دوست پاليسين ۽ ترقياتي ويزن جي روشني ۾ سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ ڪوشان آهي. هن چيو ته اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين يومِ ولادت تي سڄي قوم سندس جمهوري جدوجهد، سياسي بصيرت ۽ عظيم قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي. اسان اهو عزم ورجايون ٿا ته جمهوريت، عوامي خدمت، آئين جي سربلندي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو