پکو )عبدالوحيد ميئو(شھرين يوسي خيرپورجوسو چيئرمين رجب علي کچي خلاف شھر ۾ جھولي ڦھلائي امدادي فنڊ گڏ ڪري مليل رقم مان اٽو ، صابڻ ۽ ٻيو سامان وٺي چيئرمين جي گھر موڪلي ڇڏيو . ان موقعي تي شھرين راڻو ڀائي، رياض کونھارو , انور ڪلھوڙو , صغير سامٽيو , فقير امتياز , زاھد خشڪ ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب لاڪ ڊائون لاڳو آھي اھڙي صورتحال ۾ چونڊيل نمائندن جي پر گھور لھڻ عوام جو فرض آھي . اسان يوسي خيرپورجوسو چيئرمين رجب کچي جي گھر جو گاڏو ھلائڻ لاءِ امداد گڏ ڪري پنھنجو فرض ادا ڪيو آھي , لکين روپين جي بجيٽ باوجود چيئرمين جي گھر جي چلهه نٿي ٻري سگھي , اسان پورھيت محنت مزدوري ڪري پنھنجو پيٽ پالينداسين پر چيئرمين جي ڪمائڻ وارو ڪير به ناھي جيڪڏھن ھن کي فنڊ نه مليو ته سڄو خاندان فاقاڪشي ڪٽڻ تي مجبور ٿي پوندو , اسان ھن مشڪل گھڙي ۾ چيئرمين سان گڏ آھيون کين بک وگھي مرڻ ڪو نه ڏبو . شھرين ميڊيا اڳيان وڌيڪ دانھيو ته افسوس آھي سرڪار تي جنھن نااھل چونڊيل نمائندن کي ڪروڙين روپيه فنڊ جاري ڪري عوام جي راشن جي ذميواري سونپي آھي , يوسي چيئرمين جنھن پھريان ئي غريبن ۽ مستحقن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو ويٺو آھي اھو راشن ڪٿان ورھائيندو , ڪرونا وائرس جي بچاءَ لاءِ آيل صابڻ , ماسڪ ۽ ٻيو سامان عوام ۾ ورھائڻ بجاء گھر کڻائي ويو . هنن جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته نيب وارا نوتيس وٺن.










