دادو(ن سنڌيار) دادو شهر جي ذوالفقار ڪالوني جي رهواسين گندگي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميونسپل آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ۽ علائقي جو گند کڻي ميونسپل جي گيٽ تي ڦٽو ڪيو، مظاهرين ضمير چانڊيو، سليم چانڊيو، لقمان ٻگهيو ۽ ٻين دانهيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ميونسپل عملو ڪالوني ۾ صفائي نه پيو ڪرائي جنهن سبب پورو علائقو گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي هنن چيو ته برساتي پاڻي پڻ علائقي ۾ بيهجي ويو آهي نالين جو پاڻي ۽ برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، گندگي سبب بيماريون پيدا ٿي ويون آهن معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته ڪيترا ئي ڀيرا ميونسپل عملي کي شڪايتون ڪيون پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي جلد علائقي جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.










