لاهور(ويب ڊيسڪ)آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي حاضري کان معذرت جي درخواست احتساب عدالت ۾ داخل ڪئي وئي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهه جي سرڪاري دوري تي آهي ان ڪري هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز جي طبيعت خراب آهي جنهن سبب هو اڄ پيش نه ٿو ٿي سگهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اڄ حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري.










