اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ تجارتي تڪرارن جي فوري ۽ موثر حل لاءِ تجارتي عدالتن جي قيام بابت قانون سازي جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ تجارتي عدالتن جي قانون جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي.وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ کي ڪميٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اٽارني جنرل، خزاني وارو مملڪتي وزير ۽ قانوني ماهر به ڪميٽي ۾ شامل هوندا. هيءَ ڪميٽي تجارتي عدالتن جي قيام بابت قانون جو مسودو تيار ڪندي ۽ پاڪستان ۾ تجارتي تڪرارن جي فوري حل لاءِ تجويزون مرتب ڪندي. ڪميٽي ڪمرشل ڊسپيوٽس (تجارتي تڪرارن) جي موجوده نظام جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي، جڏهن ته تجويز ڪيل قانون جي بنياد ۽ قانوني نقطن تي مشتمل تفصيلي رپورٽ به تيار ڪئي ويندي. وزيراعظم ثالثي قانون (آربيٽريشن لا) بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي سنگاپور ڪنوينشن تحت پاڪستان جي ذميوارين کي ملڪي قانون جو حصو بڻائڻ بابت پڻ سفارشون مرتب ڪندي. قانون ۽ انصاف واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريٽ جي سطح تي معاونت فراهم ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي پنهنجيون سفارشون ۽ رپورٽ 45 ڏينهن ۾ وزيراعظم کي پيش ڪندي.










