شهباز جو اتحادين سان رابطو، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

شهباز جو اتحادين سان رابطو، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪيو.وزيراعظم خالد حسين مگسي، خالد مقبول صديقي ۽ امل ولي خان کي به ٽيليفون ڪيو، شهباز شريف حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو