اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند) اڳوڻي ايم پي اي مرحوم آغا احمد يار شر جي پوٽي مير شعيب خان شر ايندڙ عام چونڊن ۾ گھوٽڪي جي قومي اسمبلي واري تڪ اين اي 204 تان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي شعيب خان شر چيو آھي ته گھوٽڪي اين اي 204 تي اسان جي برادري جا ھزارين ووٽ آھن جيڪي بغير ڪنهن مقصد جي استعمال ٿيندا رھيا آھن جيڪي ھاڻي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ھن وڌيڪ چيو ته منھنجو ڏاڏو اڳوڻو ايم پي اي مرحوم سردار آغا احمد يار شر به ھن تڪ تان اليڪشن وڙهندو رهيو آهي، جنهن جو مشن کڻي عوام جي خدمت ڪرڻ چاھيان ٿو تڪ جو عوام مون سان گڏ آهي، ھن وڌيڪ چيو ته گھوٽڪي اين اي 204 جي چونڊيل نمائندن کان عوام مايوس ٿي چڪو آهي، اھي نئون چھرو ڏسڻ چاھن ٿا، آءٌ سندن اعتماد تي پورو لھندس.










