حيدرآباد (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ،ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد ۾ رين ايمرجنسي جو فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت تازين زوردار برساتن ۽ شهر ۾ وڌندڙ گدلاڻ کي نظر ۾ رکندي 9 سيپٽمبر 2022 بدران سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ کي حيدرآباد ۾ سڀاڻي 23 آگسٽ 2022 کان ڪم شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي _ اها ڳالهه هن اڄ ايڇ ايم سي جي عملدارن سان ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪيمپ آفيس ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي _صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو غير حاضر ملازمن کي فوري طور تي نوڪرين مان برطرف ڪري نيون ڀرتيون ڪن ڇاڪاڻ ته مڪاني ادارن جي نااهلي سبب سنڌ حڪومت جي بدنامي ٿي رهي آهي _ صوبائي وزير ايڇ ايم سي عملدارن کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ سمورن ملازمن کان ڪم ورتو وڃي ۽ شهر مان گند ڪچرو کڻائي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جي مقرر ڪيل ٺڪاڻن تي منتقل ڪرڻ کي يقيني بڻائين ۽ ان عمل دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪيو ويندو _ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻئي مرحلي ۾ تعلقي ٻهراڙي ۾ پڻ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ ڪم شروع ڪندو _ ان موقعي تي صوبائي وزير ايڪس اي اين ايڇ ايم سي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ ڪيترا ملازم آهن ۽ ڪٿي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن تي هن ٻڌايو ته 1100 ملازم آهن جن مان 400 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن باقي 700 ملازم فرض ادا ڪرڻ بنا پگهارون کڻي رهيا آهن جنهن تي صوبائي وزير- ڊپٽي ڪمشنرحيدرآباد فواد غفار سومرو کي چيو ته هو ايڇ ايم سي جي نگراني ڪري ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف رپورٽ پيش ڪن ته جيئن سندن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي _ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميا پاران مڪاني ادارن سان ڀرپورسهڪار ڪيو ويندو ۽ سندن ڪارڪردگي جي پڻ نگراني ڪئي ويندي _ گڏجاڻي ۾ ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد فاخر شاڪر ۽ لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.










