شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار 6 سال اسڪول ويندي شاگردياڻي ڪرن پٺاڻ کي اغوا ڪيو هو جنهن جو ڪيس سندس والد شمن پٺاڻ جي فرياد تي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت جوابدار عبدالرحمٰن عرف سلمان(سلو) مگسي تي شاگردياڻي ڪرن پٺاڻ کي اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدار ضمانت تي آزاد هو جنهن کي ٻڌڻي بعد پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاڙڪاڻو سينٽر جيل منتقل ڪري ڇڏيو.










