ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام، خاص طور تي مسلم امت کي عيدالفطر جي خوشين جون واڌاوين ڏيندي چيو آھي تھ مسلمان رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ کانپوءِ عيدالفطر ڏھاڙي پنهنجي روحاني صفائي ۽ الله پاڪ جي قربت جو جشن ملھائيندا آھن. سيد مراد علي شاهه قرآن پاڪ جي تعليمات ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته رمضان رحمت ۽ هدايت جو مهينو آهي ۽ عيد ان جي مڪمل ٿيڻ جو ڏينهن آهي. وڏي وزير زور ڀريندي چيو تھ عيد جو ڏينهن خانداني ۽ سماجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، رواداري، سماجي فلاح ۽ ڀائيچاري کي وڌائڻ لاءِ بهترين موقعو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌي سماج سدائين انسان دوستي، اخلاص ۽ اتحاد جو علمبردار رهيو آهي، ۽ عيدالفطر جو اصل پيغام اهو آهي ته ضرورتمندن جي مدد ڪئي وڃي ۽ خوشيون سڀني سان ونڊيون وڃن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جون عبادتون قبول فرمائي، ۽ سنڌ، پاڪستان ۽ سڀني مسلم ملڪن ۾ امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي. وڏي وزير فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن کي به پنهنجي دعائن ۾ ياد رکڻ جي تلقين ڪئي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي نماز ڳڙھي خدا بخش لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، مير مرتضٰي ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀريندو ۽ دعا پڻ ڪندو.










