شاهد خاقان جي عدالتي دائري خلاف درخواست جو فيصلو ٻيهر ملتوي

شاهد خاقان جي عدالتي دائري خلاف درخواست جو فيصلو ٻيهر ملتوي

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جي عدالتي دائرن بابت درخواستن تي فيصلو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت فيصلي لاءِ 4 آگسٽ جي نئين تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.عدالتي عملدارن چيو ته نيب آرڊيننس تحت داخل درخواستن تي 4 آگسٽ تي فيصلو ٻڌايو ويندو.درخواستگذارن ۾ شيخ عمران الحق، آغا جان اختر، سعيد احمد خان، عبدالصمد دائود ۽ چوڌري محمد اسلم شامل آهن.جوابدارن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هي ريفرنس نيب آرڊيننس تحت عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي.شاهد خاقان عباسي ۽ سندس پٽ عبدالله شاهد نيب آرڊيننس تحت درخواست داخل نه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو