نوشهرو فيروز)ن س) ريلوي اسٽيشن لاکاروڊ تي بيٺل مال گاڏي سان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽڪرائجي وئي. عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت 20 کان مٿي مسافر زخمي جن کي گمبٽ اسپتال علاج لاءِ موڪليو ويو جڏهن ته ريل گاڏين جون انجڻ ۽ انجڻ سان گڏ جنريٽر واريون بوگيون تباھ ٿي ويون تفصيل موجب ڪراچي کان پنجاب لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسريس جو لاکا روڊ ريلوي اسٽيشن تي اڳ ۾ بيٺل مال گاڏي جي پويان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٽرين جو انجڻ سميت ٻه وڌيڪ بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جن ۾ سوار عورتن ،معصوم ٻارڙن سميت 20 مسافر زخمي ٿيڻ جا اصلاع آهن جن کي لاکاروڊ اسپتال ۾ ٿورو گهڻو علاج ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ علاج جي لاءِ گمبٽ اسپتال ڏانهن موڪليو ويو آهي جڏهن ته حادثي جي اطلاع ملندي ئي نوشهروفيروز ضلعي جي پوليس ۽ ٻئي انتظاميان ريلوي عملدار سان گڏجي ٻيون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ تي پهچي ويون آهن ۽ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي،لاکا روڊ ڀرسان ٻن ٽينن جي ٽڪر واري واقعي واري جاءِ تان هڪ لاش ريلوي پوليس کي هٿ آيو.آھي جنھن سڃاڻپ نديم شاھ نالي ٿي آھي جيڪو سکر جو رھواسي آھي ۽ ڪراچي کان سکر وڃي رھيو ھو مرحوم جو لاش ايمبولنس وسيلي محرابپور اسپتال پهچايو ويو آهي










