شادي تقريب ۾ فائرنگ، عورت مارجي وئي، نينگري زخمي

شادي تقريب ۾ فائرنگ، عورت مارجي وئي، نينگري زخمي

ڪڪڙ: (ن س) ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ گهوٽ علي گل ڀٽو جي شادي جي تقريب ۾ مهندي جي رسم دوران خوشي ۾ ڪيل فائرنگ دوران ھڪ عورت مارجي وئي جڏهن ته نينگري سخت زخمي ٿي پئي.واقعي کانپوء خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ڌرين جي وارثن پاران پاڻ ۾ عزيز ھئڻ ڪري واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي ڇڏيو آھي نينگر شاگرد ياسر ڀٽو جي خوشي مان ڪيل هوائي فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري گهوٽ جي چاچي 40 ورهين جي عورت مسمات حسينا زال محمد حسين ڀٽو مارجي وئي، جڏهن ته فائرنگ سبب 12 ورهين جي نينگري مسڪان ڀٽو پڻ زخمي ٿي پئي.مارجي ويل عورت جي مڙس محمد حسين ڀٽو چيو ته خوشي مان منهنجي ڀائٽي ياسر ڀٽو پاران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب اتفاقي ڳولي لڳڻ سبب منهنجي گهر واري فوت ٿي وئي آهي، واقعو اتفاقي آهي، ٻئي طرف قربان ڀٽو چيو ته گهر ۾ شادي تقريب هئي منهنجو معصوم 13 ورهين جي پُٽَ شاگرد ياسر ڀٽو اوچتو خوشي ۾ فائرنگ ڪئي جنهن سبب گولي لڳڻ ڪري منهنجي ڀاڄائي فوت ٿي وئي، فائرنگ ڪندڙ پُٽَ ياسر پڻ رات کان غائب آهي، واقعو اتفاقي آهي اسين پاڻ ۾ ويجھا عزيز رشتيدار آھيون.هوڏانهن مهندي جي تقريب ۾ فائرنگ سبب عورتن ۽ مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا عورت جي فوتگي ۽ نينگري جي زخمي ٿيڻ بعد شاديءَ جون سموريون تياريون ۽ رسمون فوري طور ملتوي ڪري خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ خوشيءَ سان ڀريل ماحول سوڳوار ڇائنجي ويو آهي. گهر ڀاتين ۽ علائقي وارن ۾ سوگوار فضا برقرار آهي، هوڏانهن ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ضروري ڪاروائين لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو