غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ڪنڌ ڪوٽ پوليس ڏهه مهينا اڳ اغوا ٿيل عورت ۽ سندس ڌيءَ کي ڏوهارين وٽان مقابلي بعد بازيابي جي دعوا ڪئي آهي. سڱاوتي تڪرار تان ڳورهاري عورت کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ سندس مغوي بڻيل عرصي ۾ پٽ ڄائو هو. خير شاهه روڊ تي کوسا ۽ بنگوار برادرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو. بنگوار ڌر وارن نازيا کوسو نالي ڳورهاري کي اغوا ڪيو هو. ايس ايس پي مير روحل کوسو صحافين کي بڌايو ته ڳجهي اطلاع تي گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ۽ مقابلي دوران ڏوهاري مغوي عورت، سندس ٽن سالن جي نياڻي ۽ نئين ڄاول پٽ کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پوليس کين بحفاظت بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آهي. متاثره خاندان خوشي جو اظهار ڪندي پوليس جا ٿورا مڃيا آهن.










