خانپورمهر (رپورٽ) خانپورمهر ويجهو بمبلي واري علائقي جي ڳوٺ سجاول مهر ۾ سڱاوتي معاملي تان مهر ڌر جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، خبرموجب ،خانپورمهر ويجهو بمبلي واري علائقي ۾ سڱاوتي معاملي تان مھر ڌر ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استمعال ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو،جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،زخمين ۾ هڪ ڌر جي عورت ناهيدان مهر، محمد علي ،محمد بخش ۽ فيض محمد مهر، جڏهن ته ٻي ڌر جا نبي بخش ۽ ظفر مهر شامل آهن، زخمين کي وارث ٿاڻي تي کڻي آيا ليٽر ملڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف خانپورمهر ٿاڻي تي اين سي رپورٽون داخل ڪرايون ويون آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي زخمين کي ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي..










