سڪرنڊ: (ن س) سڪرنڊ قومي شاهراھ پنجون ميل اسٽاپ وٽ نامعلوم ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربند جوابدارن ھٿان رستي ويندڙ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ بلاول راھو واسي نور داد راھو موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي گوليون لڳڻ ڪري قتل اطلاع تي ھمدرد فري ايمبولينس سروس ذريعي فوتي جو لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو.اسپتال ٻاهران فوتي ڳوٺاڻي سان گڏ اکين ڏٺي شاهد وحيد راھو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان قاضي احمد کان سڪرنڊ وڃي رھيا ھئاسين تہ اڻڄاتل ٽن موٽرسائيڪل سوار هٿياربند جوابدارن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي جوابدارن سڌي فائرنگ ڪري نورداد راھو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.سڪرنڊ پوليس ٻڌايو تہ واقعي جو اطلاع ملندي جاءِ واردات تي پھچي لاش تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو آهي وڌيڪ جائچ ڪري رهيا آهيو، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.










