سکر بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي

سکر بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي

سکر (ن سنڌيار)سکر بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي سطح 8 هزار ڪيوسڪ گهٽجي وئي آهي.انچارج ڪنٽرول روم سکر بئراج عبدالعزيز سومرو موجب سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 1 لک 77 هزار 666 ڪيوسڪ ۽ آئوٽ فلو 1 لک 76 هزار 55 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.هن چيو ته سکر بئراج مان نڪرندڙ رائس ڪينال کوليو ويو آهي ۽ ان ۾ 1 هزار 611 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ واري صورتحال سبب بند ٿيل واهن کي مرحليوار کوليو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو