ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يورپي يونين فيصلو ڪيو آهي ته سمورن سمارٽ موبائل فونز جا چارجنگ پورٽ هڪجهڙا ٺاهيا وڃن. يورپي يونين جو چوڻ آهي ته سيمسنگ، ايپل ۽ هر قسم جا اينڊرائڊ فونز ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ڳالهايو ويندو ته هو چارجنگ پورٽ هڪ ئي رکن جيئن هڪڙو ئي چارجر سڀني فونز ۾ استعمال ٿي سگهي. انٽريسٽنگ انجنيئرنگ جي هڪ رپورٽ موجب اهڙو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي جيئن اليڪٽرانڪ فالتو مواد ۾ گهٽتائي آني سگهجي. يورپ ۾ هر سال اليڪٽرانڪ ويسٽ 51 هزار ٽن ضايع ڪئي وڃي ٿي. اهڙي فيصلي سان هڪ پاسي صارفين کي فائدو ٿيندو ۽ ٻيو ته اليڪٽرانڪ ويسٽ به گهٽ ٿيندي. هر سال لکين چارجر ماڻهو اڇلائن ٿا ۽ نوان خريد ڪن ٿا.










