سپريم ڪورٽ،جسٽس عقيل،جسٽس شهزاد ۽ جسٽس شاهد حلف کڻي ورتو

سپريم ڪورٽ،جسٽس عقيل،جسٽس شهزاد ۽ جسٽس شاهد حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس شهزاد احمد خان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن سپريم ڪورٽ جي ججن طور حلف کڻي ورتو.ڊاڪٽر قبله اياز سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ جي ايڊهاڪ جج طور حلف کڻي ورتو.حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٿي، جتي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کانئس حلف ورتو.حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل ۽ سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.3 نون ججن جي حلف برداري سان سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو