سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نون ججن ۽ هاءِ ڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز حلف کڻي ورتو

سپريم ڪورٽ ۾ مقرر نون ججن ۽ هاءِ ڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو رپوٽ)سپريم ڪورٽ جي نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج قسم کڻي ورتو. نون 6 مستقل ۽ هڪ وقتي جج جي قسم کڻڻ واري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو عدالتي اڱڻ جي لان ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ تراني سان ڪئي وئي. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽ جي ججن،  اٽارني جنرل، ججن جي خاندانن، پاڪستان بار،  سپريم ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه،  جسٽس منيب اختر، عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين ججن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اسلام آباد هائيڪورٽ جو جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر به تقريب ۾ شريڪ ٿيا. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سمورن ستن ئي ججن کي قسم کڻايو. قسم کڻندڙ 6 مستقل ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد، عامر فاروق ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم شامل آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وقتي جج طور قسم کڻايو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ ايندڙ ستن ججن لاءِ بئنچ جي جوڙجڪ به ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ نو رڪني لار بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ جي نون ججن ڏهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. لارجر بئنچ ضمانت رد ٿيڻ جون چار درخواستون رد ڪيون. ججن ۾ جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم،  جسس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي،  جسٽس صلاح الدين پنهور، جسش هاشم ڪاڪڙ ۽ وقتي چيف جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن……

مختلف هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسز به حلف کڻي ورتو
ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾، صدر آصف علي زرداري کيس عهدي جو حلف کڻايو. ياد رهي ته جسٽس ڊوگر کي لاهور هاءِ ڪورت مان بدلي ڪري آندو ويو آهي جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن اعتراض ڪيو هو ۽ سينارٽي جو سوال اٿاريو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سندن اعتراض رد ڪيا هئا.

Photo PID

ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد جنيد غفار وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو، گورنر هائوس ڪراچي ۾ حلف برداري واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جسٽس محمد جنيد غفار کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو.

Screengrab

گورنر هائوس خيبرپختونخواهه ۾ حلف برداري واري تقريب ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سيد محمد عتيق شاهه به عهدي جو حلف ورتو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جسٽس سيد محمد عتيق شاهه کان سندس عهدي جو حلف ورتو، ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پڻ موجود هو.

Screengrab

ان کانسواءِ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس محمد اعجاز سواتي به اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو

پهنجو تبصرو موڪليو