اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ڪرپشن جا ڪيس جلد نمٽائڻ لاءِ اهم فيصلو ڪندي 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عدالت التوي ٰ جو شڪار ڪرپشن جا ڪيس توڙي ريفرنسز ٽن مهينن ۾ اُڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سُپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ وفاقي سيڪريٽري قانون کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طلب ڪندي چيو آهي ته نين عدالتن ۾ ججز مقرر ڪيا وڃن، نيب ريفرنسز تي جلد فيصلو نه ٿيڻ سان نيب جو قانون ٺاهڻ وارو مقصد ختم ٿي ويندو، 2 هزار کان وڌيڪ نيب ريفرنسز التويٰ جو شڪار آهن، ڇا نيب پنهنجي قانون ۾ سنجيده آهي؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇو نه نيب عدالتون بند ڪري ڇڏيون ۽ نيب قانون کي غيرآئيني قرار ڏيون، نيب جو ادارو ڪم نه پيو ڪري.










